ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌ ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي

ڪراچي (ن سنڌيار)سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اڄ ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. مختلف شهرن ۾ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پهري سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.هر سال جيان هن سال به اڄوڪو ڏينهن ڪلچرل ڊي جي طور تي ملهايو پيو وڃي. ان جي حوالي سان سنڌ جي هزارين سالن جي قديمي روايت جا امين سنڌ واسي روايتي لباس  اوڍي اجرڪ ۽ ٽوپي سجائي سنڌ جي رنگا رنگ ڌرتي سان يڪجهتي جو اظهار ۽ نوجوان نسل کي سنڌ جي ثقافت سان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ نڪرندا آهن.سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ ريليون ۽ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. نوجوانن طرفان سنڌي اجرڪ ٽوپي پهري علاقائي ڌنن تي رقص ڪيو پيو وڃي.جڏهن ته ثقافتي رنگن ۾ رنگجي عورتون ۽ ٻارڙا به پرجوش نظر اچي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو