سڀني ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪريو، معاهدي تي عمل ڪريو

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) خيرپور جي واپارين انجمن تاجران خيرپور جي صدرعاشق حسين عباسي جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن خيرپور تي ريل جا اسٽاپ  ختم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت خيرپور رياست دور ۾ معاهدو ڪيو هو ته خيرپور مان گذرندڙ سڀني ريل گاڏين جا اسٽاپ بحال ڪيا ويندا پر افسوس ته ريلوي اسٽيشن تان گذرندڙ 17 ٽرينن مان شاليمار، ملت، پاڪستان، قراقرم، بزنس، نائيٽ ڪوچ، فريد ايڪسپريس، بهاءُ الدين ذڪريا، علامه اقبال، ڪراچي ايڪسپريس، گرين لائين، شاهه حسين ايڪسپريس، تيز گام، عوام ايڪسپريس، خيبر ميل مان صرف خيرپور ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي وڃڻ لاءِ صرف 4 ٽرينون تيز گام ايڪسپريس، عوام ايڪسپريس، هزاره ايڪسپريس ۽ سکر ايڪسپريس بيهن ٿيون. جڏهن ته پنجاب وڃڻ لاءِ صرف 3 ٽرينون عوام ايڪسپريس، خيبر ميل، هزاره ايڪسپريس بيهن ٿيون، جڏهن ته سکر ۽ روهڙي وڃڻ لاءِ سکر ايڪسپريس اسٽاپ ڪري رهي آهي ۽ رياست جي دور ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ٿو ڪرايو وڃي،جنهن سبب ريلوي اسٽيشن خيرپور آهسته آهسته تباهي جي ڪناري تي پهچي رهي آهي پاڪستان ريلوي اختيارين کي گهرجي ته هن تاريخي اسٽيشن تي ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪري اسٽيشنن کي تباهي جي ڪناري تي پهچڻ کان بچايو وڃي ته جيئن هتان جا لکين شهري سستي سفري سهولت کان فائدو حاصل ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو