سپريم ڪورٽ ۾ جونيئر جج جي مقرري خلاف عدالتن ۾ هڙتال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ مان جونيئر جج جي مقرري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي جبري سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرري خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ جي عدالتن ۾ هڙتال آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي داخلا وارن درواخن کي بند ڪيو ويو آهي، سوين سائلين روڊ تي بيٺا رهيا. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس اڄ چيف جسٽس گلزار احمد طلب ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي جبري طور سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ بابت غور ٿيندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار ڪندي چيف جسٽس گلزار احمد کي خط لکي معذرت ڪئي هئي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، رٽائر ٿيندڙ جج جسٽس مشير عالم ۽ چيف جسٽس گلزار احمد خان جي ڪوششن سان سينارٽي جون ڌڄيون اڏائيندي قانون جي خلاف ورزي ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 4 معزز ججن کي4 سپرسيڊ ڪندي پنجين نمبر واري جج جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. جنهن خلاف اڳ ۾ پاڪستان بار ڪائونسل هڙتال ڪئي ۽ اڄ سنڌ بار ڪاقئونسل جي سڏ تي هڙتال آهي. اڪثر عدالتن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا ۽ عدالتن ٻاهرا احتجاج ڪندي سپري جڊيشل ڪائونسل جي فيصلي خلاف نعرا هنيا. هنن چيو ته جيڪا عدليا پنهنجي ججن سان ناانصافي ڪري ٿي اها عام شهرين کي ڪهڙو انصاف ڏيندي.؟ وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اردو ڳالهائيندڙ مصخوخ لابي سنڌ دشمني پئي ڪري ۽ هن وقت سپريم ڪورٽ جي 17 ججن مان هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو