هڙتال ڪامياب، جونئر جج جي سپريم ڪورٽ مقرري ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري ملڪ ۾ وڪيل برادري جو سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي مقرري ميرٽ تي نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. سپريم ڪورت جي چيف جسٽس جي سرباهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ وڪيلن جي هڙتال بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جونئر جج جي مقرري وارو معاملو ملتوي ڪيو وي. اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف جسٽس جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري ڏني وئي. ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ وڪيل برادري هڙتال ڪئي آهي جنهن سبب عدالتن ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي به متاثر ٿي آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي نائب چيئرمين خوش دل خان جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت 4 سينئر ججن کي باءِ پاس ڪري پنجين نمبر واري جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ اقربا پروري آهي. هن چيو ته اها ميرٽ جي خلاف ورزي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ جيڪوپهرين آڪٽوبر 2023 تي رٽائر ٿيندو تنهن جو حق آهي.4 ججن کي نظر انداز ڪرڻ سندن صلاحيتن تي عدم اعتماد آهي. سپريم ڪورٽ ۾ مقرري سان رٽائرمينٽ جي حد 3 سال وڌي ويندي آهي. هاءِ ڪورٽ جو جج 62 سالن ۽ سپريم ڪورٽ جو جج 65 سالن ۾ رٽائر ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو