سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ سينارٽي لازمي قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري سينارٽي تي ڪرڻ بابت پارلياماني پينل اتفاق راءِ سان آئين ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو آهي. فاروق نائڪ جي سربراهي ۾ پينل جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئين جي آرٽيڪل 175-A ۾ ترميم ڪئي ويندي. هن وقت صرف چيف جسٽس سينارٽي تي مقرر ڪرڻ جي شق آهي ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن مان سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو اختيار جڊيشل ڪميشن کي آهي ۽ سينارٽي جو شرط لاڳو ناهي.پينل چيو آهي ته سينارٽي بطور هاءِ ڪورٽ جج جي ڀرتي واري تاريخ جي بنياد تي طئي ٿيندي. جيڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ 2 جج ڀرتي ٿيا آهن ته ان صورت ۾ سينارٽي جو تعين ڄم جي تاريخ تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو