سپريم ڪورٽ پاران ڪي سي آر 6 مهينن ۾ بحالي جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ واري تجويز کي لولي پاپ قرار ڏيندي ڪي سي آر کي 6 مهينن اندر بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو حڪم چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل فل بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران ڪي سي آر جي بحالي سميت غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرائڻ وارن حڪمن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ دوران ڏنو. عدالت وفاقي سرڪار کي ڪي سي آر جي بحالي لاءِ پاڪستان ريلوي کي فنڊز فراهم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. عدالت چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت چاهن ته سي پيڪ تحت منصوبا جاري رکن جنهن سان اسان جو تعلق ناهي  پر ڪي سي آر کي عدالتي حڪم مطابق 6 مهينن اندر بحال ڪيو وڃي. وڌيڪ ڪا مهلت نه ڏني ويندي. عدالت سنڌ سرڪار کي ڪي سي آر جي ٽريڪ تان قبضا ختم ڪرائي رستو ڪليئر ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو ته ڪي سي آر  لاءِ ريل جو انتظام پاڪستان ريلوي ڪري. عدالت 26 مارچ تي ڪي سي آر جي بحالي بابت رٿابندي ڪري شيڊول پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏيندي چيو ته ريلوي وفاقي ادارو آهي جنهن ڪري ڪي سي آر لاءِ فنڊز به وفاق ادا ريلوي کي ادا ڪري. ان کان اڳ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران سپريم ڪورٽ کي ڪي سي آر جي بحالي بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن تي چين جي ڪمپني سيڙپڪاري ڪندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي سي آر 1995ع واري روٽ کي بحالي ڪرڻ سان تمام گهڻي ڏکيائي پيش ايندي جنهن جي 24 مان 14 هنڌن تي ٽريفڪ متاثر ٿيندي  جنهنڪري انهن هنڌن تي اوور هيڊ تعمير ڪرڻيون پونديون ۽ ان لاءِ اورنج لائين ۽ گرين لائين کي به ختم ڪرڻو پوندو. ڪالهه عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي پاڪستان جو اٽاني جنرل خالد جاويد خان، سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين، ريلوي جو سيڪريٽري، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، مڪاني ادارن جو سيڪريٽري روشن علي شيخ ۽ ٻيا آفيسرز پيش ٿيا. ان موقعي تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل گذريل ٻڌڻي تي عدالت جو حڪم نامو پڙهي ٻڌائيندي ڪراچي ماس ٽرانسپورٽ جو پلان پيش ڪندي چيو ته گرين لائين جو پراجيڪٽ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ارينج لائين به مڪمل ٿي وئي آهي ۽ ٻين پراجيڪٽن تي ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته ڄاڻايل رٿائن لاءِ عالمي مالياتي ادارا فنڊز فراهم ڪري رهيا اهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جهڙي ريت نقشا پيش ڪري رهيا آهيو اهڙو ڪم به ٿيڻ گهرجي. هي مستقبل جي ٽرانسپورٽ جو پلان ناهي. توهان خرچ ڪري پئسا ورهائڻ چاهيو پئي جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته اسان پراجيڪٽ بند ڪريون ٿا جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان اسان جي ڳالهه نه ٿا سمجهو. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته گرين لائين سرجاڻي ٽائون کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته موجوده انفراسٽرڪچر کي ته بهتر ڪيو. ان موقعي تي گرين لائين پراجيڪٽ جي سربراهه ٻڌايو ته گرين لائين منصوبو ٽي سال اڳ شروع ٿيو هو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٽن سالن جي مدي ۾  ته سڄي ايشيا جا روڊ ٺهي وڃن ها. چيف جسٽس چيو ته جڏهن پئسا به آهن. ماڻهون به موجود آهن ته ايتري عرصي ۾ پراجيڪٽ مڪمل ڇو نه ٿيا؟. وڏا وڏا روڊ ته هڪ سال ۾ ٺهي ويندا آهن جنهن تي آفيسرن ٻڌايو ته اورينج لائين ايندڙ سال تائين فعال ٿي ويندي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هن مهيني ۾ مڪمل ڇو نه ٿي سگهندي؟. توهان ٺيڪيدارن کي پئسا نه ٿا ڏيو؟ ناظم آباد وڃو يا ڪنهن ٻي علائقي ۾ ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي. رڳو بهانا ڪيا پيا وڃن. ماڻهن کي رڳو خواب ڏيکاريندا آهيو. انهن جي ته زندگي ئي عذاب بڻجي وئي آهي. رڳو ڌوڙ پئي اڏامي. ڪنهن کي ملڪ سان محبت ۽ عوام جي خدمت جو جذبو آهي؟ ماڻهون مري رهيا آهن ۽ توهان بين وڄائي رهيا آهيو؟. ڪراچي جي رهواسين کي ٽرانسپورٽ جي ڪا سهولت ناهي جنهنڪري لکين موٽر سائيڪلون روڊن تي اچي ويون آهن ۽ چنگچي به ٻيهر شروع ٿي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته اهي سمورا پراجيڪٽ ته مٽي جو چير آهن جيڪي ڊهي پوندا. هي ڪهڙو ملڪ لاءِ ڪم ڪن ٿا؟ جيستائين مٿان کان ڏنڊو نه ٿو اچي ان وقت تائين ڪم نه ڪندا آهن. جيڪي ماڻهون ڪراچي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي ڪراچي جي خبر آهي. هي جيترا به فلائي اوورز ٺاهيا ويا آهن اهي ڊاهيندا. پنجن سالن ۾ ڪيماڙي واري پل ٻه ڊهڻ واري آهي.ڪيماڙي سان ڪراچي جو رابطو ئي ڪٽجي ويندو. ايڊووڪيٽ جنرل صاحب توهان ايماندار آهيو پر توهان جا ماڻهون ڏينهون ڏينهن حالتون خراب ڪري رهيا آهن. يونيورسٽي روڊ به هڪ وڏو مذاق آهي. شهيد ملت روڊ ڪڏهن ڏسڻ جهڙو هوندو هو جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪم  ٿي رهيو آهي. ترت گرين لائين ۽ اورينج لائين فعال ٿي وينديون. 14 آگسٽ تي ريڊ لائين به مڪمل ٿي ويندي. چيف جسٽس چيو ته بليو ۽ پرپل لائين ڇا آهن؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته انهن تي اڃا ڪم نه هلي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ اهي بسون روڊن تي  ڪڏهن هلنديون جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيوپ ته اهي بسون هلي رهيون آهن. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڪڏهن شام جو ناظم آباد وڃو جتان ايئرپورٽ چئن ڪلاڪن ۾ پهچندو. چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ 1955ع واريون بسون هلي رهيون آهن. توهان واريون نيون بسون تڏهن هلنديون جڏهن مان گهر هليو ويندس ۽ منهنجا ساٿي جج به هليا ويندا. چيف جسٽس خبر دار ڪندي چيو ته اسان مذاق نه ڪريو، سرڪاري مشينري کي جيل موڪلي ڇڏينداسين. ماڻهون اڄ به ٻاهر احتجاج ڪري رهيا آهن پر اهو ڪجهه آفيسرن جي ڪري ٿي رهيو آهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيوت ه ڪجهه کي ٿورو وڌايو چيف جسٽس، ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڏٺو آهي. ان تي ڪو اثر نه پيو آهي. ڪالهه وري عمارت ڊهڻ سبب  14 ماڻهون مري ويا ۽ هي آرام سان ننڊ پيل آهن. چيف جسٽس چيو ته توهان نيوز لينڊ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڏٺو آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته نيوز لينڊ جي آبادي ڪجهه به ناهي پر اسان گذريل ڏينهن واري واقعي تي 20 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي جسٽس سجاد علي شاهه ناطم آباد واري علائقي ۾ غير قانوني طور تعمير ٿيل عمارتن بابت ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس چيو ته 6 مهينن وارو ڪم 10 سالن ۾ به مڪمل نه ٿا ڪن. انسانيت به ڪا شيءَ هوندي آهي. ڪنهن کي ملڪ سان محبت آهي؟. سرڪاري بسون ڇو نه ٿا هلايو؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته شهر ۾ بسون ته هلي رهيون آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ ڪا سرڪاري بس ناهي. ٽرانسپورٽ جو نظام ئي ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪهڙو شهري آهي جيڪو تين هٽي کان يونيورسٽي روڊ تي ڦاٿل هجي ۽ نرسري نه پهتو هجي؟. يونيورسٽي روڊ ۽ شاهراهه پاڪستان تي ريڊ لائين منصوبو ٺاهيو پيو وڃي. ان موقعي تي عدالت اٽارني جنرل خالد جاويد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته وفاقي سرڪار ان ڏس ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل خالد جاويد چيو ته سي پيڪ جي تحت منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي جنهنڪري وفاقي سرڪار چاهي ٿي ته ان کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي.هڪ منصوبو مڪمل ٿي ويو ته ٻيا به ٿي ويندا پر ڪجهه وقت ڏيو. ان موقعي تي چيف جسٽس گلزار احمد، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه کي طلب ڪندي چيو ته چيف سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ اهو ته سٺو ۽ ايماندار آفيسر آهي جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته سڀئي سٺا آفيسر آهن. ان موقعي تي فيصل صديقي چيو ته سرڪيولر ريلوي جي زمين تان هٽايل ماڻهن کي اڃا تائين متبادل زمين فراهم نه ڪئي وئي آهي جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته ٻڌايو ته جن ماڻهن کي ريلوي ٽريڪ تان هٽايو ويو ڇا اهي غير قانوني قبضو ڪندڙ نه هئا؟. چيف جسٽس چيو ته متاثرن کي آباد ڪرڻ ۽ ان جي رٿابندي ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي جنهن تي فيصل صديقي چيو ته رڳو غريبن جي گهرن کي ڊاهيو پيو وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ ته 90 سيڪڙو ماڻهون غريب آهن. عدالت سڀني جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چي ته توهان اندازو ڪريو ته اهي ماڻهون ڪيترا ظالم ماڻهون آهن؟. ماڻهن پنهنجي پيءَ جي زمين سمجهي عمارتون ٺاهي ڇڏيون آهن.جن ماڻهن عمارتون ٺاهيون انهن کان پئسا ڪير وٺندو. جسٽس فيصل عرب چيو ته جن بلڊرن عمارتون ٺاهيون انهن کان پئسا ڪير وٺندو؟. چيف جسٽس چيو ته غير قانوني اڏاوتون ڪندڙن کي خبر هوندي آهي ته قانون ۽ غير قانوني ڇا هوندو آهي. وڪالت دوران به ريلوي جي زمين تي قبضو ڪندڙن جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هيس. اسان ته غير قانوني قبضو ڪندڙن کي ڀڄائي ڇڏيندا هئاسين پر هاڻي ته ماڻهون ريلوي جي پٽري تي به ويهي ويا آهن. ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين. سڀني خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ طرف 10 ماڙ عمارت هجي ۽ ان جي ڀرسان جهڳي هجي ته پهرين ڪنهن کي ڊاهيو وڃي؟. اطمينان ڪريو ڪنهن کي نه ڇڏينداسين. سڀني کي ڊاهينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو