سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن خلاف جاچ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ٽن سالن ۾ ضمانت جي درخواست تي فيصلو نه ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل کي جانچ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسو جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پهرين ويڊيو ٽرائل ڪيس ۾ قتل ڪيس جي ملزم کي قبل از گرفتاري ضمانت منظور ڪري ڇڏي. 2014 ۾ شهداد پور ۾ ٿيل هڪ قتل ڪيس ۾ نامزد ملزم نور محمد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2016 کان هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ضمانت جي درخواست ڏني جنهن تي فيصلو نه آيو. عدالت ڪيس فائيل ڏسن بعد چيو ته قتل بابت عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته قتل ۾ نامعلوم ملزم شامل آهن ۽ بعد ۾ نامزد ڪيل ملزم قتل ۾ ملوث ناهن ان باوجود سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڇو نه ڪيو. عدالت ضمانت جو فيصلو نه ڪندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جا نالا ظاهر ڪرڻ کانسواءِ رجسٽرار کي چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو