سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي پي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي هڪ ڪروڙ روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض نيب ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي مشتمل بينچ آڏو خورشيد شاهه جي وڪيل اڳوڻي اٽارني جنرل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته 18 سيپٽمبر 2019 تي خورشيد شاهه کي نيب گرفتار ڪيو هن مهل تائين ڪا پيش رفت ناهي ٿي، 44 شاهدن مان اڌ جا به بيان قلمبند ناهن ڪيا ويا. 570 ايڪڙ زمين جي ماليت جو ڪاٿو به غلط لڳايو ويو آهي. جن 4 پلاٽن جي ڳالهه ٿي هلي اهي ٽن ماڻهن جي ملڪيت جي تبديلي بعد خورشيد شاهه خريد ڪيا آهن، جن ماڻحن کي ايمنٽي پلاٽ رهائش ۾ تبديل ڪري الاٽ ڪيا ويا نيب انهن خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي. انڪم ٽيڪس يا صوبائي روينيو کاتي ڪو نوٽيس ناهي ڏنو هي سياسي انتقام جو ڪيس آهي سندس ضمانت منظور ڪريو. نيب جي وڪيل مخالفت ڪئي ۽ عدالت کي درخواست ڪئي سندس نالو اي سي ايل ۾ برقرار رکيو وڃي. عدالت هڪ ڪروڙ جي مچلڪن عويض ضمانت منظور ڪرڻ ۽ نالو اي سي ايل م برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو