سپريم ڪورٽ جي ججن جي آمد، مختلف ڌرين جا مظاهرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي ڪراچي پهچڻ جي موقعي تي پوسٽ آفيس ايمپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي، حسين آباد هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تي قبضي ۽ شهرين پاران واٽر ٽينڪرز خلاف سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.  جنهن جو چيف جسٽس  نوٽيس وٺندي احتجاج ڪندڙن کان  لکت ۾ شڪايتون  وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  جمعي جي صبح چيف جسٽس ۽ ٻين ججن جي ڪراچي رجسٽري پهچڻ کان اڳ مظاهرين زمين تي قبضن  ۽ واٽر ٽينڪرز خلاف شهرين پاران  احتجاج  شروع ڪيو.  مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته پوسٽ آفيس ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي 109 ايڪڙ زمين تي غير قانوني قبضو ڪيو ويو آهي جڏهن ته 2009ع کان احسن آباد هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تي پڻ قبضو ڪيو ويو آهي. مظاهرين موجب قبضا مافيا کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ انتظاميه قبضا مافيا خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته 40 سالن کان محروم پاڪستان پوسٽ جي ميمبرن کي پلاٽ ڏيارڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو