سي ٽي ڊي پاران پابندي مڙهيل تنظيم جا 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ يعني سي ٽي ڊي جي ٽيم ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جا 5 دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن. گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪاظم علي شاهه عرف شاهه جي، محمد ثاقب اختر، عبدالرحمان عرف زبير، عمير عرف خليل، شهاب عرف ڇوٽا ۽ صفدر عرف ڪاشو کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، نائن ايم ايم جا پسٽول ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار دهشتگردن ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو