سي سي ٽي وي جي مدد سان موٽر سائيڪل چور پڪڙجي پيو

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڪراس بند چوڪي ڀرسان مزاري ڪنٽرول شيڊ مرغي فارم تان موٽرسائيڪل چور پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو. شيڊ ٻاهران منير احمد مزاري جي نئين سي ڊي موٽرسائيڪل بيٺي ھئي ته چور موٽرسائيڪل جي لاڪ ٽوڙي ڪاھي پيو ته موٽرسائيڪل جي مالڪن سي سي ٽي وي ذريعي ڏسي ورتو ۽ پڪڙي ڪري حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو  کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي چور کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو