سي اين جي اسٽيشن کلي ويا، قيمت ۾ 16 روپيا في ڪلو واڌ

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) سنڌ ۾ هڪ هفتو بند رهندڙ سي اين جي اسٽيشن کلي ويون آهن. سي اين جي مالڪن 16 روپيا في ڪلو ريٽ ۾ اضافي بعد نئين قيمت 140 روپيا في ڪلو مقرر ڪندي وڪرو شروع ڪيو آهي. سندن موقف آهي ته نئين سال جي بجيٽ ۾ حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي آهي جنهن ڪري هو قيمت وڌائڻ تي مجبور ٿيا آهن. صارفين جو چوڻ آهي ته مهانگائي واري ماحول ۾ هڪ ڌڪ سان ايتري قيمت وڌائڻ ظلم آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل کان به قيمت وڌائي وئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ اڃا مهانگائي وڌي ويندي. ياد رهي ته 22 جون کان سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو