چيڪ پوسٽ تي خودڪش حملو 4 اهلڪار شهيد 20 ٻيا زخمي

مستونگ(ويب ڊيسڪ) آچر تي ايف سي جي سهڻا خان چيڪ پوسٽ تي موٽر سائيڪل سوار جو خود ڪش حملو، ڌماڪي ۾ 4اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن ۽ فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حملو شفٽ تبديل ٿيڻ وقت ڪيو ويو. زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ڪوئٽا اظهر اڪرم واقعي جي تصديق ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خود ڪش حملو پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي ڦي ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.

صوبائي گهرو وزير ضيا لانگو حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملو سيڪورٽي فورسز تي ٿيو آهي. هن چيو ته امن جا دشمن پنهنجي مقصد ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ امن لاءِ قرباني ڏيندڙ شهيدن جو هن ملڪ تي قرض آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو