سيڪريٽري سميت جوابدارن جي ضمانت رد نيب هٿان گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ضمانت رد  ڪندي سيڪريٽري بلديات روشن شيخ سوڌو 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي حڪم بعد هڪ جوابدار سهيل يار خان عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو، نيب اهلڪارن ڊائريڪٽر لينڊ وسيم زيدي ۽ لالا فضل الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو. سيڪريٽري بلديات روشن شيخ عدالتي ڪمري ۾ ڪجهه دير فون تي ڳالهائيندو رهيو پر عدالت هن جي حفاظتي ضمانت واري درخواست ٻڌڻ کان انڪارڪيو جنهن بعد کيس نيب وارن گرفتار ڪري ورتو. روشن شيخ ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت چيو آهي ته جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي، جوابدارن ۾ فضل الرحمان، وسيم، نديم، قادر کوکر ۽ ضبيحه اسلام شامل، عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار متحده اڳواڻ سيف عباس، شعيب ۽ شوڪت جوکيو کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٽئي جوابدار ٽن سالن کان جيل ڪاٽي رهيا آهن، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته روشن علي شيخ ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، ڪي ايم سي ۽ بورڊ آف روينيو جي ملي ڀڳت سان ذبح خاني جي 265 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي وئي، جوابدارلانڍي ۾ سمال ڪاٽيج انڊسٽري کي زمين الاٽ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو