سيپڪو جو ڪارنامو، بيواهه عورت کي پوڻا 3 لک جو بل

روهڙي(ن سنڌيار)سيپڪو انتظاميا پاران ظلم جي انتها، ڪنڊا ڪنيڪشن هلائيندڙن کي رليف ۽ بجلي جو بل ڀريندڙ تي لکين روپيا ڏنڊ،سيپڪو انتظاميا بيواھ عورت کي ٻه لک پنجهتر هزار ڊڊيڪشن جو بل ڏئي کيس گهر جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، عورت بل هٿن ۾ کڻي آفيسن جا ڌڪا کائي انصاف لاءِ صحافين وٽ پهچي وئي، روهڙي جي علائقي مساڻ روڊ جي رهواسڻ بيواھ عورت گلزار خاتون صحافين کي ٻڌايو ته روهڙي سيپڪو پاران کين ناجائز ٻه لک پنجهتر هزار جي ڊڊڪشن هڻي بجلي جو بل اماڻيو ويو آهي مون ڪيترائي ڀيرا ايس ڊي او ۽ ايڪسين سيپڪو جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيا پر بجلي جو بل گهٽ ڪرڻ بجاءِ منهنجي گهر جي بجلي ڪاٽي ناانصافي ڪئي وئي آهي موتمار گرمي سبب ننڍڙا ٻچا کڻي ڪنهنجي در تي ڀٽڪندي وتان بيواھ عورت جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيپڪو لائين مينن جي ملي ڀڳت سان سڄي شهر اندر ڪنڊا ڪنيڪشن هلي رهيا آهن جتي ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي منهنجي گهر ۾ ڪا فيڪٽري ناهي هلندي رڳو ٻه پکا،چار سيور ۽ هڪ ٽي وي آهي جيڪا بجلي قانوني طور ميٽر تي هلائڻ جي سزا ڏني وئي آهي مونکي کائڻ جيتري وصيعت ناهي ته لکين روپيا ناجائز بل ڪٿان ڀريان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي عورت سکر سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو آهي ته ناجائز لڳل ڊڊڪشن ڪٽي کين گهر جي بجلي بحال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو