سيپڪو تشدد ڪيس عدالت ايس ايس پي کي طلب ڪري ورتو

دادو(ن س) سيپڪو دادو جي آفيسرن تي تشدد واري معاملي بابت توهين عدالت جي درخواست تي ايس ايس پي دادو فرخ رضا ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن کي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. سيپڪو جي انجنيئر جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم بعد پوليس سندن جي مرضي کانسواءِ ڪمزور ڪيس داخل ڪيو آهي. خميس تي  عدالتي حڪم تي مک جوابدار ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ڀاء سعيد احمد جمالي ۽ ٻين نامعلوم ماڻھن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو هو. جنهن تي سيپڪو انجنيئرسرفراز خان پٺاڻ  ۽ ھائڊرو يونين اڳواڻن پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس کي رد ڪندي چيو هو ته پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، واقعي جو ڪيس ٽوڙي مروڙي داخل ڪيو ويو آھي ايف آء آر اسان جي غير موجوگي ۾ ڪٽي وئي آھي ۽ پوليس تشدد، ڊيوٽي اٽڪاءَ جا قلم لاڳو ناهن ڪيا.  هنن چيو ته جوابدارن کي بچائڻ لاء ڪمزور ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن بعد هنن سيشن ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي جنهن تي جمع ڏينهن عدالت نوٽيس جاري ڪندي پوليس آفيسرن کي ڇنڇر تي طلب ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو