سيپڪو تشدد ڪيس جاچ تبديل،آفتاب پٺاڻ پاران ڌرين جا بيان رڪارڊ

دادو (ن س) آءِ جي سنڌ جي هدايت تي ايديشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ دادو پهچي سيپڪو عملدارن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ دوران ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا. سيپڪو جي وڪيل ٻڌايو ته سندس اصيل کي دادو پوليس تي اعتماد نه هو ۽ آءِ جي سنڌ کي جاچ ٻئي ضلعي جي ڪنهن سينئر آفيسر کان ڪرائڻ جي درخواست ڏني هئي جنهن تي آءِ جي سنڌ آفتاب پٺاڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو. جنهن ڇنڇر تي دادو پهچي ڌرين جا بيان ورتا. سيپڪو عملدارن بجلي چوري جي چيڪنگ دورن جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ جمالي هائوس دادو پهتا هئا ته پي پي ايم اين رفيق احمد جمالي جي ڀاءُ سعيد احمد جمالي کين مار ڪٽ ڪئي هئي. دادو پوليس ان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي. جنهن بعد سيپڪو عملدارن سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني جنهن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي پوليس ڪيس ته داخل ڪيو پر سيپڪو عملدارن جو بيان وٺڻ کانسواءِ ڊيوٽي اٽڪاءَ، ڦر، مارڪٽ وغيره جا قلم لاڳو نه ڪيا هئا. جنهن تي سيپڪو عملدارن توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو ته عدالت ايس ايس پي دادو کي طلب ڪيو ۽ ائين معاملو رولڙي جو شڪار رهيو.جنهن بعد سيپڪو عملدارن جاچ تبديل ڪرائي. سيپڪو دادو جي وڪيل ذوالفقار علي چنا موجب هن اصيل جي هدايت تي دادو جي مئجسٽريٽ کي درخواست ڏني ته کيس جان مال جو خطرو آهي ان ڪري ڪيس ڄامشورو جي عدالت منتقل ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته آفتاب احمد پٺاڻ سيپڪو عملدارن ۽ ايس ايس پي دادو، ڊي ايس پي دادو، ايس ايڇ او بي سيڪشن ۽ سعيد احمد جمالي جا بيان قلم بند ڪيا ۽ رپورٽ آءِ جي حوالي ڪندو. هوڏانهن دادو عدالت 5 آگسٽ تي ڌرين کي طلب  ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو