سيٺارجا لڳ مختلف واقعن ۾ 2 فوت هڪ زخمي

سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ لطيف جو لوڙهو ۾ ارباب مري سئي گئيس کان ڳوٺ طرف وڃي رهيو هيو ته هٿياربندن پاران پيڇو ڪري ڳوٺ ڀرسان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته زخمي زخمن جا سور نه سهندي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔اطلاع تي  ٺري ميرواه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٺري ميرواه اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ لاش آندو ويو. پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو.*** الياس ڪاليج وٽان نامعلوم ٽن هٿياربند پاران سيٺارجا جي رهواسي 50سالا محمد رمضان ولد بشير اعواڻ کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي مٿان فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا موٽر سائيڪل جي ڦر ناڪام سيٺارجا پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمي پيرسن محمد رمضان کي اسپتال منتقل ڪيو.جڏهن ته سيٺارجا شهر ۽ آس پاس جي رستن تي سخت چيڪنگ شروع ڪئي. ***ڳوٺ ميهر ويسر ۾ 22 سالا نوجوان آصف علي ويسر گهر جي بجلي ٺاهيندي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب  شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺري ميرواه اسپتال نيو ويو جتي نوجوان فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو