سينڊڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي مدي ۾ واڌ

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت چيني ڪمپني کي سينڊڪ پروجيڪٽ ۾ سون ۽ ٽامي سميت مختلف ڌاتو ڳولڻ لاءِ معاهدي ۾ 15 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. صوبائي حڪومت ميٽرولوجيڪل ڪنسٽرڪشن ڪمپني آف چائنا (ايم سي سي) کي ان بابت اين او سي به جاري ڪري ڇڏي آهي. 2002 کان ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جو مدو 31 آڪٽوبر 2022 ۾ پورو ٿي رهيو هو ۽ ڪمپني وڌيڪ 15 سالن تائين ان ۾ واڌ جي درخواست ڪئي جيئن هو پنهنجو سرمايو ڊگهي مدت لاءِ لڳائي سگهي. چيني ڪمپني ساڍا چار ڪروڙ ڊالر سيڙپ ڪندي ۽ مقامي صوبائي ڪمپني سينڊڪ ميٽلز سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پابند هوندي. مقامي ماڻهن کي تربيت به ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو