سينٿيا رچي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ رهندڙ آمريڪي شهري سنٿيارچي پراسرار طور پنهنجي گهر مان بيهوشي واري حالت ۾ ملي آهي. پوليس موجب سنٿيارچي پنهنجي فليٽ ۾ بي هوشي جي حالت ۾ هٿ آئي آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس طبي معائنو ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ حقيقتن جي خبر پوندي. واضح رهي ته سنٿيارچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن تي سنگين نوعيت جا الزام لڳائي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو