سينٽرل ضلعي ۾ 16 ڊسمبر تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي مختلف علائقن ۾ 16 ڊسمبر تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. گلبرگ، لياقت آباد، نارٿ ڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل ٿي ويون آهن. ميڊيڪل اسٽورز ۽ عام واهپي جي شين جا دُڪان کُليل آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي ۽ رهواسين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار، سنڌ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر ۾ تيزيءَ سان واڌ جو خدشو آهي. ضلعي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 983 ڪيس ظاهر ٿيا هئا. صحت کاتي جي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ 6 سئو کان وڌيڪ ڪورونا جا ڪيس وڌيا آهن، عوام کي وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ ۽ ماسڪ لازمي طور پائڻ جي اپيل ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو