سينيٽ ۾ ڌوڪو، پي پي جي 21 سينيٽرز جون استعيفائون بلاول حوالي

اسلام آباد(اياز مهر) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي واري رٿ ناڪام ٿيڻ بعد اپوزيشن پارٽين پاليسي کان منهن موڙيندڙ 14 سينيٽرز کي وائکو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي 21 سينيٽرز پنهنجون پنهنجون استعيفائون بلاول وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. بلاول کان جڏهن پڇو ويو ته ائين ڇو ٿيو ته هن چيو اسان جمهوري پارٽي آهيون، جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته اسان آل پارٽيز ڪانفرنس گهرايون ٿا ته ڪنهن ضمير جو سودو ڪيو، ڪير دٻاءُ ۾ آيو ۽ ڪنهن غداري ڪئي آهي. بظاهر ڪاوڙ ۾ نظر ايندڙ بلاول چيو ته اسين خلاف ورزي ڪندڙ سينيٽرز جي نشاندهي ڪنداسين ۽ پارٽي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪنداسين. ٻئي ڪنهن به جماعت پنهنجي پارٽي وارن تي ايئن کلي شڪ ظاهر ناهي ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي ڪجهه پنهنجي سينيٽرز خلاف ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صدارت ۾ اپوزيشن اڳواڻن جو هنگامي اجلاس ٿيو. جنهن دوران فيصلو ڪيو ويو ته جن 14 سينيٽرز ڌوڪو ڏنو آهي انهن کي وائکو ڪيو ويندو. اجلاس کانپوءِ بلاول ڀٽو ۽ ٻين اپوزيشن اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته اجلاس ۾ پارٽي پاليسي کان منهن موڙيندڙ سينيٽرز خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان طئي ڪيو آهي ته سينيٽ جي هر اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين ۽ سينيٽ اجلاس ۾ اڄ ٿيل هارس ٽريڊنگ تي ڳالهائينداسين. شهباز شريف الزام مڙهيو ته سليڪٽيڊ حڪومت سينيٽ کي به سليڪيٽڊ بڻائي ڇڏيو آهي. ڳجهي ووٽنگ ۾ 14 ووٽ گهٽ پيا، هن الزام هنيو ته گذريل سال عام چونڊ دوران جيڪا ڌانڌلي ٿي، اڄ ان کي ورجايو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته جن سينيٽرز پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو، انهن جي نشاندهي ڪري کين عوام آڏو وائکو ڪيو ويندو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اڄ سينيٽ ۾ جمهوريت تي سرعام حملو ڪيو ويو، جڏهن رٿ پيش ڪئي وئي ته 64 سينيٽرز سيٽن تي اٿي بيهي حمايت ڪئي. پر ڳجهي ووٽنگ ۾ انگ گهٽجي ويو. بلاول چيو ته ڪجهه سينيٽرز پاران منهن موڙڻ باوجود 50 سينيٽرز سينيٽ چيئرمين خلاف ووٽ ڏنا، تنهنڪري صادق سنجراڻي کي اخلاقي طور عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته اهو سينيٽ تي حملو آهي، جنهن جو حساب ورتو ويندو. بلاول چيو ته اسان پنهنجي پارٽي ۾ به ڏسنداسين ته اهو ڪهڙو سينيٽر هو، جيڪو دٻاءُ ۾ اچي ويو ۽ ڪهڙي سينيٽر پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو. بلاول چيو ته 14 سينيٽرز پنهنجي پارٽي جي پٺي ۾ ڇُرو هنيو، انهن کي نه ڇڏينداسين. پ پ چيئرمين حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته حڪومت اهو نه سمجهي ته اپوزيشن انهن جو پيڇو ڇڏي ڏيندي، اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته اي پي سي سڏائي ويندي، اسان هي ويڙهه سينيٽ ۾ وڙهنداسين. سينيٽ ۾ شفاف چونڊن لاءِ سڌارا آڻينداسين. رولز کي ڏسنداسين ۽ هن سينيٽ چيئرمين جو مقابلو ڪنداسين. ان موقعي تي بلاول پڇيو ته سينيٽر شبلي فراز ڪهڙي ڪاميابي تي ڊيسڪ وڄائي رهيو هو. ڇا هو ضمير فروشي تي ڊيسڪ وڄائي رهيو هو؟ بلاول چيو ته اپوزيشن متحد آهي. رستن ۽ پارليامينٽ ۾ جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته اسان کٽيون ها ته ڪاميابي هجي ها، پر هارائڻ باوجود اسان جي سوڀ ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان هارائڻ باوجود ڪٺ پتلي سينيٽرز کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو