سينيٽ چيئرمين بهادرآباد پهتو، ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي آفيس بهادرآباد پهتو جتي ايم ڪيو ايم جي سينئر اڳواڻ عامر خان سندن استقبال ڪيو. ان موقعي تي صادق سنجراڻي ايم ڪيو ايم جي قيادت ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، فيصل سبزواري، امين الحق، سينيٽر نصيب الله ۽ سينيٽر احمد خان شامل هيا. ملاقات کان پوءِ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان اسلام آباد ۾ ملاقات ٿيندي رهندي آهي پر ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان واعدي مطابق ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو آهيان. هن چيو ته ايم ڪيو ايم مرڪز تي دير سان اچڻ جو سبب مصروفيتون هيون پر واعدو ڪيو هو جيڪو اڄ پورو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان قومي مسئلن تي گڏ آهيون مسئلن جي حل لاءِ ايم ڪيو ايم سان گڏجي ڪم ڪنداسين. خالد مقبول صديقي جي وزارت کان الڳ ٿيڻ جي حوالي سان هن چيو ته خالد مقبول سمجهدار ماڻهو آهي ان کي گهرجي ته هو ڪابينا ۾ واپس اچي ته جيئن ڪابينا ۾ ويهي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪري سگهي. سينيٽ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم يا ڪنهن ٻي پارٽي لاءِ منهنجو جيڪو ڪردار هوندو اهو ادا ڪندس ۽ پاڪستان لاءِ ڪنهن به شخص جي گهر وڃڻ لاءِ به تيار آهيان. ٻئي طرف خالد مقبول صديقي چيو ته صادق سنجراڻي کي هتي اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا صادق سنجراڻي جي ايم ڪيو ايم ان ڪري سپورٽ ڪئي هئي ته ان جو تعلق بلوچستان سان آهي ۽ ان وقت حق هيو ته بلوچستان مان سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي. هن چيو ته اسان اهڙو نظام چاهيون ٿا جيڪو پاڪستان جي هر شهري لاءِ برابر هجي ۽ ان کي برابري جي بنياد تي پنهنجا حق ملن ان ڪري بلوچستان سان ڪڏهن به زيادتي ٿي آهي ته ايم ڪيو ايم هميشهه انهن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صادق سنجراڻي بهترين نموني سان سينيٽ کي هلائي رهيو آهي اسان گڏجي هميشهه مظلومن جي حق ۾ آواز اٿارينداسين اسان سڀ گڏجي مسئلا حل ڪنداسين. آءِ جي سنڌ جي معاملي تي هن چيو ته آءِ جي جو معاملو تي ثالثي ڪرڻ اسان جو ڪم ناهي ان جي مقرري جو معاملو سياسي بنيادن تي نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو