سينئر پوليس آفيسرن جي ترقين بابت نئين پاليسي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌڪابينا سينئر پوليس جي ترقين بابت پاليسي ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليس صوبائي سبجيڪٽ آهي ان ڪري پوليس آفيسرن جي ترقين، بدلين ۽ مقررين جو اختيار به صوبي کي هجن گهرجي. ڪابينا کي قانون جي دائري م رهندي مختلف تجويزن بابت بريفنگ به ڏني وئي. گهرو کاتي جي بريفنگ ۾ هڪ تجويز اها به هئي ته آءِ جي پوليس جي سينيئر عهدي تي ترقي سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع تحت ٿيندي. ايڊيشنل آءِ جي پوليس کي گريڊ 21 ۾ ترقي ڏئي جي آءِ جي ايس ڪيو ويندو. ڊي آءِ جيز جن جي سروس گريڊ 17 کان گريڊ 20 تائين 22 سالن تائين رهي ٿي. گريڊ 20 ۾ ٽن سالن جي سروس هجڻ گهرجي ۽ NMC تربيت يافته هجي، ڊي آءِ جيز، گريڊ 20 ۾ ترقيون SSPs/AIG پوليس گريڊ 19 جي آفيسرن ۾ ٿينديون. ڊي آءِ جي ترقي لاءِ 17 سالن جي سروس گريڊ 17 کان گريڊ 19 تائين هجڻ گهرجي. ايس ايس پي/ اي آءِ جي پوليس گريڊ 19 ۾ پروموشن لاءِ ايس پي گريڊ 18 جي ​​سروس 12 سال هجڻ گهرجي. ايس پي/ اي ڊي آءِ جي پوليس گريڊ 18 ۾ پروموشن لاءِ آفيسرن کي گريڊ 17 ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج سال سروس هجڻ گهرجي. انهن سڀني ترقين لاءِ آفيسرن جي لاڳاپيل تربيت جي ضرورت آهي. ڪابينا هڪ ​​ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ توانائي وارو وزير، صنعت وارو وزير، قانوني صلاحڪار، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل، اي سي ايس گهرو ۽ سيڪريٽري سروسز شامل آهن. ڪميٽي ضابطن جي شقن جو جائزو وٺندي ۽ سفارشون پيش ڪندي. ڪابينا ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس صوبائي معاملو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو