سينئر صحافي مير محمد سهتو کي دل جو دورو، صحت لاءِ دعائون

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)يونين ڪائونسل کاھي ممن ۾ سياسي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن پاران سينئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ ڪي ٽي اين جي رپورٽر مخلص انسان مير محمد سھتو جي جلد صحتيابيءَ لاء اجتماعي دعا جو اھتمام ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن اعجاز ممنائي عرفان رضا منير ميمڻ محب ميمڻ ڊاڪٽر خادم حسين ڊاڪٽر امداد ميمڻ امر امتياز ميمڻ فيروز مٺل لوھاچ اڪبر ميمڻ رياض حسين شاھ ۽ ٻين چيو ته مير محمد سھتو انسان دوست ۽ حقيقي صحافت جو ڪردار اپنائي رھيو آھي ھن مخلصيء سان پنھنجي علائقي جي اشوز کي بي خوف ٿي اعليٰ ايوانن تائين پھچايو آھي خداوند ڪريم کان دعا آھي ته جلد مير محمد سھتو کي صحتيابي عطا فرمائي ته جيئن ھو پنھنجون سرگرميون ٻيھر ساڳئي جوش ۽ جذبي سان سرانجام ڏيئي سگهي ياد رھي ته مير محمد سھتو ڪالهه نوشھرو فيروز ۾ پنھنجي فرزند شاھد مير سھتو جي شاديء جي رسمن ۾ رقص ڪري رھيو ھو ته کيس دل جي شديد تڪليف ٿي جنھن کي سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ آندو ويو ان کان پوء کيس فرسٽ ائڊ ڏيئي NICVD سيوھڻ موڪليو ويو جتي سندس دل جو آپريشن ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو