سينئر صحافي مطيع الله جان رات دير سان گهر پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينئر صحافي ۽ ڪورٽ رپورٽر مطيع الله جان اسلام آباد مان پراسرار نموني نامعلوم ماڻهن هٿان اغوا ٿيڻ بعد رات دير سان واپس گهر پهچي ويو. هن سڀني جو ٿورو مڃيو آهي جن به سندس بازيابي لاءِ آواز اٿاريو. هن جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن سندس اکين تي پٽي ٻڌي شهر ۾ گهمائڻ بعد فتح جهنگ جي ويران علائقص ۾ ڇڏي ڏنو جتان کيس مقامي ماڻهن گهر پهچايو. صاد رهي ته اڱاري تي منجهند جو کيس جي سڪس مان اغوا ڪيو ويو هو ۽ سندس گاڏي لاوارث حالت ۾ ملي آئي هئي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان صحافي مطيع الله جان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي، صحافي مطيع الله جان جي اغوا تي ايمنسٽي انٽر نيشنل پاران پڻ افسوس جو اظهار ڪندي سنس جلد بحفاظت بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته صحافي جي اغوا بابت جاچ ڪيون پيا، بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، صحافي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻڌايو ويو ته مطيع الله اغوا ٿي ويو آهي. ياد رهي ته مطيع الله جان تازو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جا ڪيس داخل ٿيا هئا. هاءِ ڪورٽ مان ته ڪيس خرج ٿي ويو هو پر سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. هن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس تي ڏنل فيصلي تي ڀرپور تبصرو ڪيو هو ۽ مٿس الزام آهي ته هن ججن تي تنقيد ڪري توهين عدالت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو