سينئر صحافي بيمارين سبب هلڻ کان لاچار، علاج جي اپيل

مانجهند (ن سنڌيار) سينئر صحافي شگر بلڊپريشر هيپاٽائيٽس معدي ۽ پتي جي پٿري سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو سندس طبعيت اچانڪ خراب ٿيڻ سبب گذريل رات جي شفٽ ۾ تعلقه اسپتال مانجهند داخل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب موجود پيراميڊيڪل اسٽاف ابتدائي طبي امداد ڏئي پتي جي پٿري جي آپريشن جو مشورو ڏنو پر علاج تي وڏي رقم نه هئڻ سبب گهر تائين بي يارو مددگار پيل آھي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ تي صحافين ساجد ملاح گلزار ملاح ن ليگ اڳواڻ لياقت ملاح ايس يو پي اڳواڻ محمد صديق ڳنڀير پ ٽ الف جي امداد علي عمراڻي سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ت ايم ايس اسپتال کي تباه ڪري ڇڏيو 16 ڊاڪٽر مقرر هئڻ باوجود رات جي شفٽ ۾ ڊاڪٽرن کي پابند نٿو ڪيو وڃي هنن وس وارن ۽ سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته صحافي يوسف عمراڻي جو علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي هوڏانهن ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ صحافين جي فون اٽينڊ نه ڪئي جڏهن ته عملي کي فون تي علاج تجويز ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو