سينئر صحافي امتياز عالم جي گهران ڪروڙين رپين جي ڦر

لاهور (بيورو رپورٽ) رائيونڊ روڊ تي سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار امتياز عالم جي گهر مان ڦورو لکين رپيا، غير ملڪي ڪرنسي ۽ سونا زيور ٻهاري ويا. رائيونڊ روڊ تي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ رهائش اختيار ڪندڙ صحافي امتياز علام جي گهر ۾ رات جو 6 ڦورو داخل ٿي گهر ۾ موجود پوليس اهلڪارن ۽ ڊرائيور کي ٻڌي ڇڏيو. امتياز عالم جي گهرواري ڊاڪٽر نصرت حبيب مطابق ڦورو دري ڀڃي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ان کي تشدد جو نشانو بڻايو. ڦورو گهروارن کي يرغمال بڻائي 20 لک رپيا، 15 هزار ڊالر، 5 هزار يورو، هيرن جا 2 سيٽ ۽ سونا زيور ڦري ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واردات واري جڳهه تي پهچي ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن ته پوليس گهروارن کي ڪجهه رڪارڊ يافته ملزمن جون تصويرون به ڏيکاريون. چوري جي واقعي وت امتياز عالم گهر ۾ موجود نه هيو ڇاڪاڻ ته هو اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو