سينئر آرمي آفيسرز کي وڏا گهر الاٽ ڪرڻ دفاعي مقصد ناهي، چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪنٽونمينٽ جي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته فوج جنهن قانون تحت ڪمرشل سرگرميون ڪري ٿي اهو غير آئيني آهي، فوج سرڪاري زمينن تي ڪمرشل سرگرميون ڪيئن ڪري سگهي ٿي. جيڪا زمين دفاعي مقصد لاءِ نٿي استعمال ٿئي اها حڪومت کي واپس ڪريو. جيڪڏهن فوج جي غيرقانوني اڏاوتن کي ڇڏيون ته ٻين جون ڪيئن ڊاهينداسين؟ سپريم ڪورٽ ۾ ڪنٽونمينٽ جي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري دفاع ليفٽيننٽ جنرل (ر) ميان محمد هلال حسين عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏنو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جنرل صاحب سئنيما، شادي هال، اسڪول ۽ گهر ٺاهڻ دفاعي مقصد نه آهن؟ ڪراچي ۾ سموريون غيرقانوني عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون پيون وڃن، ڪارساز ۾ وڏيون ڀتيون کڙيون ڪري سروس روڊ به اندر ڪيو ويو، ڪنٽونمينٽ جي زمين کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهائي نٿو سگهجي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته پرل مارڪي ۽ گرانڊ ڪنوينشن هال اڃا قائم آهن، ڪالا پل سان گڏ واري ديوار ۽ گرينڊ ڪنوينشن هال اڄ ئي ڪيرايو، ڪارساز ۽ راشد منهاس روڊ تي اشتهارن لاءِ وڏيون وڏيون ديوارون ڍاهيون ويون آهن. اها حڪومت جي زمين آهي. سئنيما، پيٽرول پمپ، هائوسنگ سوسائٽيون، شاپنگ مال ۽ شادي هال دفاعي مقصدن لاءِ ته نه آهن. اٽارني جنرل ٻڌائي ته بچاءَ واري وزارت ان جي استعمال کي ڪيئن محدود ڪري سگهي ٿي؟چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان دفاع واري سيڪريٽري کي چئو ته پيش ڪيل رپورٽ درست ناهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمارتون ڪيرايون ويون آهن جڏهن ته عمارتون اڃان قائم آهن، فوج ۽ اسان ٻنهي لاءِ اها شرمندگي جي ڳالهه آهي. عدالت چيو ته ڪينٽونمينٽ جي زمين ڪهڙي مقصد لاءِ موجود آهي ان بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، قانون موجب اسٽريٽجڪ زمين رڳو دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي.جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته فوج ننڍي ڪاروبار لاءِ پنهنجي وڏن مقصدن تي سمجهوتو نه ڪري، فوج کي پنهنجي اداري جي تقدس جو خيال رکڻ گهرجي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس قاضي محمد امين احمد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن به شامل آهن ۽ گزريل هفتي ڪراچي ۾ ٻڌڻي دوران به سيڪريٽري دفاع تي سخت جرح ڪئي وئي هئي.  چيف جسٽس چيو مسرور ۽ ڪورنگي ايئر بيسز بند ڪيون پيو وڃن پر لڳي ٿو ته اها زمين تجارتي مقصد لاءِ استعمال ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته سينئر آرمي آفيسرز کي وڏا گهر ڏيڻ دفاعي مقصد ناهي، رياستي زمين جو استحصال نه ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو