سيلاني ويلفيئر پاران مٺي پاڻي جي پلانٽ جو افتتاح

ڇاڇرو(عبدالباسط رند)سنڌ جي پٺتي پيل ضلعي ٿرپارڪر ۾ فلاحي تنظيم سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ جي طرفان ٿرپارڪر جي مختلف علائقن  ۾  تعليم سان گڏوگڏ فلاحي سرگرمين جو سلسلو پڻ جاري آھي. تعلقي ڏاھلي جي ڳوٺ حڪيم جو پار ۾ لڳايل آر او پلانٽ جو صاحبزادا مجتبيٰ نور صديقي افتتاح ڪيو ان موقعي تي سيلاني ٽرسٽ ميمبر عارف لاکاڻي، سيلاني چيف آپريٽنگ آفيسر محمد غزال ۽ سيلاني مينيجر ٿرپارڪر وليد رضا پڻ موجود ھئا. افتتاحي تقريب جي موقعي تي سيلاني ٽرسٽ ميمبر عارف لاکاڻي جو چوڻ ھو ته ايندڙ ڪجھ وقت ۾  ٿرپارڪر ۾ وڌيڪ پلانٽ لڳايا ويندا جيئن ٿر جي ماڻھن کي مٺي پاڻي جي فراھمي ٿي سگھي. ياد رھي ته سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل جي طرفان ٿر ۾ لڳايل ھي ٽيون آر او پلانٽ آهي. هنن ٿرپارڪر ۾ 100 کان وڌيڪ کوھ ۽ بور پڻ ڪراياآھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو