سيشن جج سان بدتميزي ڪرڻ تي ايف دبليو او خلاف وڪيلن جو ڌرڻو

سيوهڻ (رپورٽ ڪريم برھماڻي) ڄامشورو ٽول پلازا انتظاميه خلاف ڄامشورو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. وڪيلن FWO کي ٺيڪي تي ڏنل ٽول پلازا جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ بدمست انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڄامشورو ٽول پلازا انتظاميه سيشن جج سان بدتميزي ڪئي آهي ۽ سندس سرڪاري پوليس گارڊزتي تشدد ڪري سندن هٿيار ڦرڪيا ويا آھن، جيڪو سراسر غيرقانوني عمل آهي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ نوٽيس وٺي ۽ FWO جي ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو