سيري وٽ ٽريلر جي ٽڪر سبب ماءُ ٻن ٻارن سميت فوت

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) سيري وٽ خوفناڪ حادثي ۾  ماءُ ٻن ٻارن سميت فوت ٿي وئي. کين ٽريلر ڪچلي ڇڏيو، ڊرائيور فرار ٿي ويو.  ايس ايڇ او سيري انور خانزادو اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي  سول اسپتال حيدرآباد پهچايا.  جتي فوتين جي سڃاڻپ انيلا زال بابر شيخ 9 ورهين جو سندس پٽ مظفر ۽ 4 ورهين جي نياڻي فائقه شامل آهن. جيڪي لياقت ڪالوني حيدرآباد جا رهائشي ٻڌايا پيا وڃن. سيري پوليس ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو