سيتا ۾ 3 ٻارڙن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)دادو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو سيتا روڊ ۾ جمعي تي 3 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو زخمين ۾ 8 سالا فرحان علي انڙ 6 سالا اظھار علي انڙ ۽ 10 سالا فھد علي انڙ شامل آهن، جن کي وارث  دادو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم ڊاڪ بائيٽ وئڪسين سينٽر تي کڻي پھتا جتي  زخمين کي وئڪسين ڪئي وئي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو