سيتا کي لائبريري ڏيو، ساڃاهه وندن جو احتجاج

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيتاسرجڻهارفورم پاران سرڪاري لائبريري لاء ٻن سالن کان هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ فورم جي باني مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾  نيشنل بئنڪ کان پريس ڪلب سيتاروڊ  تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ محمد موسي چانڊيو `شهزادميمڻ` اسدميمڻ` اويس ميمڻ` عامر راجپوت `ظهير کوسو شرڪت ڪئي فورم جي باني مشهورميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ٻن سالن جي جدوجهد کانپوء ڪي اين شاه تڪ جي ايم پي اي محترم عبدالعزيز جوڻيجي پاران تازو سيتاروڊ  ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي آفيس ۾ لائبريري قائم ڪئي آهي پر ان لائبريري کي سرڪاري درجو مليل ناهي تنهنڪري اها شاگردن جي مطالعي جون جديد گهربل ضرورتن جو پورائو نه ڪري سگهندي ۽ اها لائبريري گهڻو عرصو جٽاء نه ڪري سگهندي ۽ ڪجه ئي مهينن ۾ بهانا ٺاهي بند ڪئي ويندي ان ڪري ضرورت ان ڳاله جي آهي ته ايم پي اي محترم عبدالعزيز جوڻيجو  پنهنجي ڪوٽا مان ان کي  سرڪاري لائبريري طور منظور ڪرائي سيتاروڊ واسين جون دليون کٽي مشهور ميمڻ چيو ته ڄاڻايل لائبريري کي جيسين سرڪاري لائبريري جو درجو ڏياري ثقافت کاتي حوالي نٿي ڪئي وڃي تيسين  جدوجهد جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو