‘سيالڪوٽ سانحي جي جوابدارن کي سزا جي خاطري ڪرائي وئي آهي’

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ سانحي تي سري لنڪن وزيراعظم قتل ٿيل مئنيجر جي پونيئرن سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اُميد ته پاڪستاني وزيراعظم ذميوارن خلاف ڪارروائي جو واعدو پورو ڪندو. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ انتهاپسند هجوم جو بيرحماڻو تشدد ڏسي صدمو پهتو، سريلنڪا جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي تي پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، مقتول مئنيجر جو لاش سريلنڪا واپس گهرائڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن، سريلنڪن حڪومت کي سيالڪوٽ واقعي جي نتيجن جو انتظار آهي، اُميد ته پاڪستاني اختياريون شفاف جاچ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي يقيني بڻائينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو