سياسي ڌرين کي چونڊ سڌارن لاءِ گڏجي فيصلو ڪرن گهرجي، فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ چونڊ سڌارا رڳو عمران خان يا پي ٽي آءِ نه، پر سموري قوم جي ايجنڊا آهي، اهڙو نظام آندو وڃي جو سموري قيادت چونڊ نتيجن تي اعتماد ڪري. فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيز چونڊ سڌارن لاءِ اڳتي وڌن، اها سياسي نظام جي وڏي ڪاميابي هوندي، کنڊ جي اگهن ۾ 43 رُپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي پر ميڊيا اهڙيون خبرون نٿي هلائي، اسان جي ميڊيا 24 ڪلاڪ سازشن ۽ غير مستحڪم ٿيڻ جون خبرون ڏيندي آهي، ناڪاري ميڊيا جو ڪوڙين خبرن سان ڳانڍاپو ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، اُن لاءِ نوان قانون آڻڻ ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو