سياسي جماعتون عوامي نمائندگي ۾ عورتن جي ڪوٽا مقرر ڪن

نوابشاهه( رپورٽ راج ڪماراوڏ) جيستائين عورتن کي مٿان کان وٺي هيٺين سطح تائين ليڊرشپ جو ڪردار نه ملندو تيسين معاشري م ترقي ممڪن ناهي. اهڙو اظهارمقامي هوٽل ۾ آسٽريلوي امداد سان ٻن سماجي تنظيمن ٻانهن ٻيلي ۽ آڪسفيم جي سهڪار سان هلندڙ پراجيڪٽ ”هوءَ اڳواڻي ڪري سگهي ٿي“ جي عنوان سان منعقد ڪيل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مختلف مقررن ڪيو. مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ عورتن کي ڀرپور نمائندگي ڏيڻ ۽ عورتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ سماج جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. گڏجاڻي ۾ پراجيڪٽ جي مينيجر ريحانه علي، زرياب ڪاڪا، انيل، ضلعي ڪوارڊينيٽر ذوالفقار خاصخيلي، نامياري سياسي سماجي اڳواڻ نازو ڌاريجو، نامور اديب صحافي شاعر فياض چنڊ ڪليري، تعليم کاتي جي تعلقه آفيسر عظميٰ ڪنبوهه، نصرت شاهه، وومين ڊولپمينٽ کاتي جي آفيسر ميڊم نسرين حسن مستوئي، انيلا رفيق ملاح، ولي محمد جوکيو، وارث نوناري، مزمل چانڊيو صحافين اسد بخاري، رحيم لاشاري ۽ کدڙي فقير عدنان ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريحانه علي چيو ته اسان جو معاشرو ان صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن اسان مرد ۽ عورت جو جنسي مت ڀيد ختم ڪري عورت کي برابري جا حق ڏينداسين. ذوالفقار خاصخيلي چيو ته جيسيتائين اسان جون عورتون  چونڊيل ايوانن، قانون ساز ادارن ۾ نه وينديون تيسين عورتون با اختيرا نهبڻجي سگهنديون. هن چيو ته ان لاءِ سياسي پارٽين کي عورتن جي ڪوٽا عام چونڊون توڙي مڪاني ادارن ۾ وڌائڻ گهرجن. هن چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد جي ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ هر يوسي مان چيئرمين جي عهدي لاءِ عورتن کي اڳتي اچڻ گهرجي اسان ۽ سول سوسائٽي گڏجي انهن جي مهم هلائڻ لاءِ تيار آهيون. مقررن چيو ته مرداڻي هڪ هٽي واري معاشري ۾ عورت کي پنهنجو مقام ۽ منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پلسراط تان گذرڻو پوي ٿو ۽ اسان جي معاشري جي عورت لاءِ گهر کان ٻاهر وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪيون وڃن ٿيون. هنن چيو ته عورت هن ڪائنات جي تخليق ڪار آهي جيسين عورتن کي برابري جو حق نه ڏنو ويندو اسان جو معاشرو زوال پذير رهندو. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو