سياسي جماعتن کي آخري چتاءُ، 29 آگسٽ آخري تاريخ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سڀني سياسي جماعتن کي آخري چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته گذريل مالي سال بابت پنهنجي آمدني ۽ خرچن جا تفصيل فارم ڊي تي 29 آگسٽ تائين جمع ڪرائين. پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 217 موجب هر رجسٽرڊ سياسي جماعت تي لازم آهي ته سالياني خرچ جا تفصيل جمع ڪرائين. تفصيل سان گڏ بيان حلفي به جمع ڪرائيندا ته هنن قانون مطابق پابندي پيل ذريعن کان فنڊز حاصل ناهن ڪيا. جيڪا پارٽي ڄاڻايل مدت ۾ تفصيل جمع نه ڪرائيندي اها اليڪشن ۾ حصو وٺي نه سگهندي ۽ نه ئي ان کي ڪو چونڊ نشان الاٽ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو