سياسي اڳواڻ اهڙا فيصلا نه ڪن جنهن سان عوام جو نقصان ٿئي،اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جمهوري نظام جو اهو مطلب ناهي ته سياسي اڳواڻ اهڙا فيصلا ڪن جنهن سان زندگي ۽ روزگار خطري ۾ پئجي وڃي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منصوبه بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا جي پهرين لهر دوران کنيل قدمن سبب سڄي دنيا پاڪستان جي  مثال ڏئي رهي هئي پر بدقسمتي سان ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ هڪ جهڙو پيغام نه پيو ڏنو وڃي ۽ ايس او پيز تي به اڳ جيان عمل ناهي ٿي رهيو. آڪٽوبر ۾ ڪورونا ڪيس 2 سيڪڙو هئا پر ٻن مهينن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب اسپتالن تي دٻاءُ ۾ 4 ڀيرا واڌ ٿي آهي.  هلندڙ ڏينهن  دوران به ڪورونا سبب 60 فوتگيون ٿيون آهن.پاڪستان ۾ سوين هيلٿ ورڪر ڪروونا سبب متاثر ٿي رهيا آهن. اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا ڪا مذاق ناهي هي هڪ عالمي مسئلو آهي. جڏهن  ليڊر چوندا آهن ته جلسي سان وبا جو تعلق ناهي ته ان سان نقصان ٿيندو آهي. هڪ جڳهه تي هزارين ماڻهو جمع ٿيندا ته وبا جي پکيڙ وڌندي. عوامي اجتماعن ۾ پابندي تي عمل ناهي ٿي رهيو. پاڪستان ۾ به جمهوريت جو نظام آهي جمهوريت جو نظام عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هوندو آهي هي نظام ان لاءِ ناهي هوندو ته سياسي اڳواڻ اهڙا فيصلا  ڪن جنهن سان زندگي ۽ روزگار خطري ۾ پوي.وفاقي وزير چيو ته عوام جي حياتين جي تحفظ لاءِ مشڪل ۽ اهم فيصلا ڪيا. سمورن تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. بندشن سبب تعليمي نظام ۽ روزگار متاثر ٿيو آهي. جن سيڪٽرز کي بند ڪيو ويو ان جي ريليف لاءِ جلد ڪم ڪيو ويندو. اسان مستقبل کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي  ٺاهڻ گهرجي. جيڪڏهن بهتر فيصلا نه ڪيا ويا ته ائين نه ٿئي جو اسان کي وڌيڪ سيڪٽرز کي بند ڪرڻو پوي.

پهنجو تبصرو موڪليو