سياستدانن جا سياسي پيچرا نيٺ ته منزل ماڻيندا ؟

ليکڪ  : سيد زوار حسين شاهه

پاڪستان جي سياست سمجحن  ممڪن نه پر ناممڪن آهي ، عوام سان ٿيل واعده ته وفا ٿين يا نه ٿين پر عوام جي اهي ئي ڪامياب ٿيل سياستدان  ابتي کل لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڏسي رهيو آهيان ، تاريخي مهنگائي جتي مرضي 400 روپيا ، پٽاٽا 100 روپيا بصر 80 روپيا ٽماٽاه 150 روپيا هجن اتي غريب پنهنجو پيٽ ڪيئن پاليندو اتي غريب پنهنجا ٻارڙا ڪنهن سٺي اسڪول ۾ ڪيئن پڙهائي سگهندو  اهي سوال آهن جن جا ڪو نه ڪو جواب ته ضرور ڏيندو ، اها به اميد رکي سگهون ٿا پر مان عرض ڪيان ته سياستدانن به نون نوان سياسي دڳ ڳولهي وتا آهن جن کي نوان پيچرا به چئي سگهون ٿا هن ملڪ جو بس الله ئي واهي آهي جتي انصياف نه ملي جتي غريب شريف اذيت مان گذري ،   جهڙي ريت ملڪي صورت حال ۾ في الحال ڀوچال پيا ڏسئون اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته پاڪستان م ڪا وڏي تبديلي اچڻ واري آهي ، آزاد ڪشمير ۾ جهڙي ريت اليڪشن ڏٺي آهي ۽ ٿي ان تي ڪجهه حيرانگي ته ڪري سگهون ٿا پر اهو به تسليم ڪرڻو پوندو ته ڪپتان سان به عام ماڻهون گڏ آهن ،  اسان کي اڃان به اڳتي وڌڻو آهي عوام جنهن سڄي ڄمار  سليڪٽيڊ ماڻهن کي به ووٽ ڏنا آهن ته پارٽي ليول تي به ووت ڏنا آهن ، مان جيڪڏهن ماضي جي ڳالهه ڪندس ته سياست وڏين پارٽين جي قيادتن کان  يا چونڊيل نمائيندن کان ڪافي وڏيون غلطيون ٿيون آهن جنهن تي به ڪجهه ڳالهائيڻ گهرجي ، مان انساني حقن جي تنطيمن سان ڪم گڏ ڪندو آهيان جڏهن ته پوري عالمي دنيا سميت پاڪستان جي سياست تي به گهري نظر هوندي آهي ، ڪيترائي سياستدان آيا ويا ڪن عزت ڪمائي ته ڪن ڏوڪر ڪمايا ، جنهن عوام سان محب ڪئي اهي اڄ به بهترين ساک رکيو ويٺا آهن پارٽي يج اعلي قيادت وٽ به انهن جي عزت آهي ، عوام جنهن کي منهنجي نظر م ڪڏهين ئي سايد سک مليو هجي باقي جيڪڏهن ڏکن جي فهرست ظاهر ڪنداسين ته وري ڪو سياستدان چڙي به چوندو ۽ …. پو… ناراض به ٿيندو ، برحال ان طرف مان نه ٿو وڃن چاهيان ، هن وقت مان ڳالهه ڪندس  سنڌ يج ان بيباڪ سياستدان جنهن  سدائين پاڻ کي عوام درميان رکي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ان جا اهي دوست جن تي به شفقت جو هٿ رکيو آهي به هن وقت ڪامياب آهن مان  جيڪڏهن مان هن وقت تائين سياسي پاڙتين جي پوزيشن جي ڳالهه ڪيان ته ڪنهن ڇا ڇا ڪيو ته به ڪافي دوست ناراض ٿي ويندا ، هن وقت مان چاهيان ٿو ته ماضي کي ياد نه ڪجي حال مستقبل جي ڳالهه ڪجي هن وقت 23 سالن يج ڪوششن جدوجهد بعد  ڪپتان عمران خان ٽين صوبن کان پوء هاڻ آزاد ڪشمير ۾ به پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي سنڌ اندر به ڪافي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن سنڌ م به خاص پ پ پ  جو  سياسي دڳ بند ڪجي پر مان اهو ضرور چوندس ته سنڌ ۾ جتي  سابق صوبائي وزير جناب منظور حسين وساڻ جهڙا جوڌا عوام پرست اڳواڻ هجن جتي حاجي نواب خان وساڻ  جتي حاجي منور حسين وساڻ جهڙا جيالا هجن جتي  هڪ بهترين طبعيت جو مالڪ نوجوان سسايتدان سماجي رهنما قانوندان منهنجو بهترين دوست سائين بيئريسٽر هالار خان وساڻ جهرا بهادر  سنڌ پرست هجي عوام مٿان پنهنجو ساهه گهوريندڙ هجن ا انهن کي ڪير به جهڪائي نه ٿو سگهي اهو ئي سبب آهي جو هي گهراڻو وڏي حيثيت رکي ٿو سنڌ جو عوام سندن پيار ڪري ٿو ، اهو وقت مان ڏسي رهيو آهيان ته سنڌ حڪومت هاڻ نوجوانن جي حوالي ٿيندي ، جتي وساڻ خاندان ليڊ ڪندو اڳواڻي ڪندو ، اهو ان ڪري جو جهڙي ريت عوام جي ويجهو هي گهراڻو رهيو آهي پوري پاڪستان ما هرو مثال نه ٿو ملي ، جڏهن ته سنڌ جي جيالي ، قائد عوام  شهيد راني سميت پ پ پ چيئرمين  جناب بلاول ڀٽو زرداري ،  ڪو چئرمين آصف علي زرداري هجي . انهن کي فالو ڪيو آهي ،  مان عرض ڪيان ته هن وقت سياسي جنگ سنڌ مان شروع ٿي چڪي آهي ڏسڻو اهو آهي ته ڪپتان سنڌ م ڪهڙا  رانديگر لاهي ٿو  سنڌ جي زراعت  کاتي جي صلاحڪار منظور حسين وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آھي ته ايندڙ سال جي آگسٽ مھيني تائين ملڪ ۾ سياسي حالتون تبديل ٿينديون ، ملڪ ۾ وڏي تبديلي ڏسي رھيو آھيان ، جي ڊي اي ختم ٿي ويندي پھريان وانگر فنڪشنل ليگ بحال ٿيڻ جو جلد اعلان ڪيو ويندو . پنھنجي بيان ۾منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته اڳتي ھلي عمران ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ، عمران خان کي جن اقتدار ۾ آندو آھي انھن کي به ڪجھ نٿو سمجھي ، ھاڻ مستقبل بلاول ڀٽوزرداري جوڏسي رھيو آھيان ، ان کي وزيراعظم بڻڻو آھي ، باقي عمران خان ۽ نواز 70 سال ڪراس ڪري چڪو آھي . ھن چيو ته اليڪشن کان پھريان ڪيترائي پي ٽي آئي ڇڏي ٻين پارٽين ۾ ويندا، شيخ رشيد جھڙا وزير ٻين پارٽين ۾ ويندا ، انھن کي اپوزيشن ۾نه اقتدار ۾ رھڻو آھي، پارٽي تبديل ڪندا ، عمران پنھنجن ئي ماڻھن خلاف ڪيس بڻائيندو ، جيڪو ڳالھائيندو ڦاسندو، منظور وساڻ چيو ته مشرف واري راند کيڏي ويندي عمران خان مجبور ٿي ڪري اليڪشن جو اعلان ڪندو . منظور وساڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جيڪا تحريڪ ھلائي اھا ڪامياب وئي، ھي سال ان لاءِ مشڪل ھوندو، وٺ پڪڙ ٿيندي، پي ٽي آئي جنھن تيزي سان اقتدار ۾ آئي ان ئي تيزي سان 2013 جيان پوزيشن تي واپس ويندي، ن ليگ ۽ پي ٽي آئي ۾ ڌڙابندي ٿيندي ڏسي رھيو آھيان ، ٿي سگھي ٿو ته عمران خان 2022 ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري ، عمران خان غلط فھمي جو شڪار آھي، پيپلز پارٽي کي ڪنھن مان به خطرو ناھي ، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڪم ڪرايا آھن .

مان عرض ڪيان ته جيڪا سنڌ جي ناليواري سياستدان سابق صوبائي وزير ۽ هن وقت سنڌ حڪومت م ريڙهه جي هڏي جيان حيثيت رکندڙ  منظور حسين وساڻ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ته  بس انتظار ختم وڏيون وڏين شخصيتون سياسي پارٽين کي الوداع ڌئي گهر ڀيرو به ٿيندا ته ٻيون پارٽيون به جوائين ڪندا برحال ان ڳالهه م دم آهي ، جڏهن ته سائين منظور حسين وساڻ کي ان جي دوستن کي سنڌ ما ن زميواريون ملي چڪيون آهن  ڏسڻو اهو آهي ته ڇا سنڌ م عوام جي زندگي تبديل ٿيندي يا ائين ئي جيئن سنڌ ۾ ٿيندو رهيو آهي  هاڻ مان سمجهان ٿو ته  جيئن  وساڻ خاندان  پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي پر مان ائين چوان ته غلط نه هوندو ، ته هاڻ سنڌ جي عوام ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي آهي عوام جا جائز مسئلا به ختم ٿيندا بيروزگاري به ختم ٿيندي ته  قانو به لاڳو ٿيندو ،  جيڪڏهن هاڻ به ائين نه ٿيو ته سنڌ ۾  ڪو وڏو طوفان سونامي جهڙي شڪل اختيار ڪري ايندو جيڪو گهٽ م گهت انهن  جن ملڪ کي لٽيو اهي انهن کي اپن سان گڏ کڻي ويندو ،  برحال سنڌ ۾ نوان صلاحڪار ، وزير مقرر ڪري  سنڌ م تبديلي جي اميد جاڳي آهي قسمت عوام جي جاڳي آهي ، مان عرض ڪيان ته  سائين منظور حسين وساڻ ، جڏهن ته پنهنجي فرزند ، نوجوان سياستدان ، سماجي رهنما  بيئرسٽر جناب هالار خان کي به سياست لاء مڪمل تيار ڪيو آهي جيڪا مان سنڌ م وڏي نوان ڏسي رهيو آهيان۔ zawarshah110@yahoo.com                                   

پهنجو تبصرو موڪليو