سياستدانن،ميڊيا ۽ عدليه تي دٻاءُ وجهندڙ ڪمزر ٿين پيا،مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مريم نواز چيو آهي ته ميان نواز شريف علاج بعد جلد پاڪستان ۾ ايندو سندس والد ۽ زال جون قبرون هتي آهن. شهباز شريف خلاف ثبوت نه هئڻ باوجود احتساب جي نالي ۾ انتقام لاءِ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته پگهار دار جرنل (ر) عاصم سليم باجوا جي اربين روپين جي ملڪيت ظاهر ٿيڻ تي کانئنس ڪير پڇڻ وارو ناهي. هن چيو ته باجوا جو ڪيس پي ڊي ايم ۾ کنيو ويندو ۽ کيس جواب ڏيڻو پوندو. سندس زال گهريلو عورت آهي اربن جي ملڪيت ڪٿان آندي، سندس پٽن لاءِ چيو ٿو وڃي ته انهن جو ڪاروبار آهي باقي شهباز شريف جا پٽ جيڪي چاليهه ۽ پنجيتاليهه سالن جا آهن اهي ڪاروبار نٿا ڪري سگهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرسن ڪندي هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ذاتي ملاقات بابت بيان ڏيڻ نه گهرجي ها. طلال چوڌري بابت سوال تي هن چيو ته اهو سندس ذاتي مسئلو آهي نه هن ٻڌايو نه مون پڇو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) وٽ ڪافي آپشن آهن لانگ مارچ جو به آپشن آهي. هن چيو ته شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ٻٽ بيٺو آهي ۽ ان لاءِ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ سياستدانن، ميڊيا ۽ عدليه تي دٻاءُ آهي ۽ دٻاءَ وجهڻ وارا ڪمزور ٿي رهيا آهن. هن چيو ته شهباز شريف ذاتي طور مفاهمت چاهيندڙ شخص آهي. هن چيو ته 40 سالن کان مسلم ليگ جي خاتمي جي خواهش رکندڙ قبرن ۾ هليا ويا آهن. هن چيو ته نواز شريف ۽ منهنجي بيانيي جو ٻوجهه کڻڻ آسان ناهي، ڪجهه ساٿي چپ آهن. ان کان اڳ احسن اقبال چيو ته طبل جنگ وڄي چڪو آهي ۽ اسين وڙهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو