سياري وينس تي زندگي جو امڪان ختم

سنڌيڪار: جاويد سولنگي

اهو ممڪن ئي نه آهي ته سياري وينس / زھره جي ڪڪرن ۾ زندگي جا نشان موجود ھجن۔ برطانيه جي يونيورسٽي آف بيلفاسٽ ۾ هڪ بين الاقوامي تحقيقاتي ٽيم جي مطابق  اهي بادل ايترو ته خشڪ آهن جو اتي اهو ممڪن ئي ناهي ته  زندگي جا آثار موجود ھجن۔ گذريل سال هڪ نئين اُميد پيدا ٿي هئي ته سياري  زھره / وينس جي پنهنجي ماحول ۾ مائڪرو آرگينزم  ٿي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته اتي موجود فوسفين گئس جي وڏي مقدار ھئي۔ ان وقت  اهو خيال ڪيو ويو  ته  هن گئس جي مقدار سياري جي پنھنجي جيولوجيڪلي يا زميني تبديلن لاء ئي   فقظ نھ آھي ان لاء اھو مڪمن آھي ته اتي ٻي ڪائي زنده شيء بھ ھجي۔ پر بلفاسٽ يونيورسٽي جي تازه تحقيق ان خيال کي رد ڪري ڇڏيو آھي۔ تحقيقاتي ٽيم وينس / زھره  جي ڀرپاسي جي بادلن جي حالتن جو جائزو ورتو ۽ پوءِ زمين تي رهندڙ شين جو معائنو ڪيو ته ڏسجي ته ڇا انهن مان ڪو هن ماحول ۾ زنده رهي سگهي ٿو.

Photo by NASA

اهو معلوم ٿيو ته اهي بادل گهڻو ڪري سلفيورڪ  يا تيزاب مان ٺهيل آهن ۽ ٿوري پاڻي تي مشتمل آهن. ان تجزئي جو نتيجو هو ته ايسٽري موفائل يعني اھي جاندار شيون جيڪي شديد ماحول ۾ زندا رھي سگھن ٿيون اھي به  انهي ماحول ۾ زنده نه رهي سگهنديون. محقق ڊاڪٽر جان هيلزورٿ  جو چوڻ آهي: ”اسان اهو ڳولي لڌو آهي ته اتي جيتري مقدار ۾  پاڻي آھي اھو نه صرف زمين جي سخت ترين جاندارن جي لاء گھربل پاڻي کان به گھٽ آھي پر ان کان سو ڀيرا گھٽ آھي۔ 

ته پوء ھن سياري زھره تي زندگي جي اميد مڪمل طور تي ختم ٿي سگهي ٿي؟

گذريل سال جڏهن ڪنهن ٻي ٽيم کي فوسفين گئس جي وڏي مقدار ملي ته ان ڳالھ جي ڪري دلچسپي وڌي وئي. انهي سلسلي ۾ تحقيق جي لاءِ فوٽون ڪڪ اسٽيج پڻ وينس ڏانهن موڪلي رهيا آهن۔ زمين تي  فوسفين  زندگي جي آٽارن سان ڳنڊي ويندي آھي جيڪا اھڙي مائڪروبز سان تعلق رکي ٿي جيڪا جانورن جي پيٽ مان يا آڪسيجن جي گھٽتائي واري ماحول ۾  جيئن خراب پاڻي جي تلاون ۾ موجود ھوندي آھي. ھي گئس ڪارخانن ۾ به پيدا ڪري سگهجي ٿي پر وينس تي ڪارخانا نه آهن. ان ڪري  ھن گيس جي گھڻي مقدار جي ٿيڻ لاء  سوال پڻ  اٿيا ھئا۔ سيپٽمبر ۾  ڪارڊف يونيورسٽي جي پروفيسر جين گريوز وينس تي زندگي جي امڪان کي  پيش ڪيو ھيو  ۽ ٻين سائنسدانن کي چيو ھيو ته ان کي  ثابت يا  رد ڪرڻ ۾ مدد  لاءِ چيو. شروعات ۾  ڪجهه سائنسدان فوسفين گئس جي مشاهدي تي ئي  سوال ڪيا. پر ان کي غلط ثابت ڪرڻ جو تازو ثبوت علم  فلڪيات کان نه پر بايو ڪيمسٽري جي طرفان آيو آھي۔ پروفيسر گريوز ھن  جديد تحقيق کي ساراهيو آهي ۽ ان کي بهترين سائنسي ڪم قرار ڏنو آهي ، پر هو اڃا تائين اهو مڃي ٿو ته وينس جي بادلن ۾ زندگيءَ جا نشان موجود هوندا. ان جو چوڻ ھو ته اسان ان بابت تفصيل سان ڳالهايو آھي هن چيوته  اسان کي خبر آھي ته وينس جو ماحول تمام خشڪ آهي ، پر اسان اهو نٿا ڄاڻو  ته ان ۾  ٻيا ڪيترا جزا مليل آھن۔ ان بابت هڪ ٻيو سائنسدان  پال رمر هڪ مطالعو شايع ڪرڻ وارو آھي  جنهن ۾ بادلن جي ڪجھ ڦرن  ۾ پاڻي جي مقدار شايد ايتري ھجي جو زندگي جا آثار موجود ھجن. هن الٽراوائلٽ تصويرن ۾ ڪاري لڪيرن جي نشاندهي ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو ته اهي شايد مائڪروبز جون ڪالونيون / رھائشيون  ھجن جيڪي پوءِ ٺهن ٿيون ۽ وري غائب ٿي وڃن ٿيون.

ناسا جو محقق ڊاڪٽر ڪرس ميڪي ڌرتي کان پري زندگي جي شاهدي تي تحقيق ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته جيتوڻيڪ وينس تي زندگي جا آثار ھجڻ ھڪ وڏي دلچسپ اميد آھي پر  نئي تحقيق ۽ ماضي جو رڪارڊ  به اهو ٻڌائي ٿو  ته اهو امڪان تمام گهٽ آهي.

مشتري جي ڪڪر ۾ زندگي جو ٿورو امڪان آهي ، پر اهو ثابت ڪرڻ به وڌيڪ مشڪل آهي. جديد تحقيق مطابق اتي جي درجه حرارت ۽ پاڻي جي موجودگي ايتري  گھرائي ۾ ملي ٿي جيترو زمين تي سمنڊ جي سطح کان پنج ڀيرا وڌيڪ دٻاء آھي۔  پر اهو سڀ ڪجهه زندگيءَ جي ٻين ضرورتن  جهڙوڪ کاڌي لاءِ ڪوبه ثبوت فراهم نه ٿيو ڪن .

jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو