سياحت سبب دنيا آڏو نئين پاڪستان جو روپ اڀرندو، عباسي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان جي پوليس سربراهه ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي هنزه بالا م شڪارپور مان آيل پوليس اهلڪارن ۽ سياحن سان ملاقات ڪئي. هن گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ مقامي انتظاميا جي ورتل اپائن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته هي خطو قدرتي حسن سان مالا مال آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گلگت بلتستان جون خوبصورت ترين واديون، سرسبز پهاڙ، ڍنڍون، دريا، آبشار ۽ گليشيئر قدرت جو پاڪستان لاءِ بهترين تحفو آهن ۽ جنت جو ڏيک ڏئي رهيون آهن.

هنزه بالا ۾ آءِ جي گلگت بلتستان ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي شڪارپور جي اهلڪارن سان گڏ

هن وزيراعظم جي سياحت کي هٿي وٺرائڻ واري پاليسي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان هي حسين علائقو دنيا جي سياحن جي دلچسپي جو سبب بڻبو ۽ پاڪستان جو دنيا آڏو هڪ مثبت ۽ نئون روپ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته هر انسان کي زندگي جي معمول کان هٽي ڪري هي حسين منظر ڏسڻ گهرجن ۽ قدرتي حسن ڏسن سان انسان کي سڪون ۽ روح کي راحت ملي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو