سوين ڳوٺن جي 5 ڏينهن کان بجلي بند، متاثرن جو احتجاج

ٺڪراٺو (حضرت گل)سيپڪو جي ايس ڊي او عبدالغفار لاڙڪ ۽ ايل ايس امان الله ميراڻي  پاران مبارڪپور گرڊ مان نڪرندڙ لانڍي ۽ مبارڪپور فيڊر جي ٺڪراٺو ۽ مبارڪپور شھرن سميت سوين ڳوٺڻ جي بجلي ڪٽي ڇڏي. 5 ڏينهن کان عوام پريشان آهي، متاثر ڳوٺن ۾ ڳاڙھو دڙو ، ڪلرو ، ڊرگهه ڀٽ ، آچر  مهر ،  ڀائي خان مهر ،  گنهور مهر ، جيئند مهر ، ميان ڪنڍو  ۽  گهٽي شامل آهن. سيپڪو وارن جي زيادتن خلاف علائقي واسي روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . شاھ محمد ڀٽي ، اظھر مهر ، غفار مهر ، واحد مهتم ، غلام رسول ، حمل فقير ، گنهور خان   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺڪراٺو اڳيان احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو مظاهرين پاران  ايس ڊي او ۽ ايل ايس سپڪو خانڳڙھ  خلاف نعري بازي ڪئي وئي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين جو چوڻ هو ته ايس ڊي او ۽ ايل ايس سيپڪو خانڳڙھ پاران اسان جي علائقي جي بجلي هرو ڀرو گذريل پنجن ڏينهن کان ڪاٽي ڇڏي آھي اسان روز  سندن آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون هر روز هنن جو نئون بهانو آهي ۽ اهو چوڻ آهي ته شام جو بجلي هلايون ٿا پر شام ٿيندي ئي ايس ڊي او ۽ ايل ايس سميت مقامي لائن مينن جا فون بند ٿي وڃن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو