سون جي لالچ ۾ دوست کي قتل ڪندڙ 3 ڀائر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري جي بغدادي واري علائقي جي رهواسي جنهن جو لاش گذريل ڏينهن مال پڙي جي پارڪنگ مان مليل هو، ان جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس جو چوڻ اهي ته مقتول جي سڃاڻپ اويس طور ڪئي وئي، جيڪو سونارڪو ڪم ڪندو هو ۽ گذريل ڏينهن سند قتل جي واقعي پيش اچڻ وقت وٽس 30 تولا سون موجود هو. پوليس موجب اويس جي قتل ۾ ملوث ٽن ڀائرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي مقتول جا دوست پڻ هئا. جاچ موجب جوابدار بهاني سان اويس کي مال پڙي وٺي ويا ۽ کيس شراب ۾ زهر ڏئي ماري ڇڏيائونس. هن جو لاش مال پڙي جي پارڪنگ  ۾ بيٺل ڪار مان مليو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن عبدالعزيز نالي سوناري کي سون وڪرو ڪيو، جنهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو ۽ 3 تولا سون پڻ برآمد ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو