سومر تي نيب آفيس ايندس ڀلي گرفتار ڪريو، سعيد غني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسين نيب کي حليم عادل خلاف ڪاروائي لاءِ چيو ته هو ڌمڪيون ٿا ڏين. سنڌ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن اعلان ڪيو ته مان چند جوڙا ڪپڙن جا کڻي سومر تي نيب جي ڪراچي آفيس گرفتاري ڏيڻ ويندس ڀلي مونکي گرفتار ڪريو. هن چيو ته لڳي ٿو ته نيب چيئرمين جي هڪ عورت سان چمي چٽ جي ويڊيو آهي جو نيب سندس طرفداري ٿي ڪري. هن چيو ته ڪڻڪ جو بحران ٿيو، کنڊ جو بحران ٿيو انهن معاملن بابت رپورٽون آهن پر نيب ڪاروائي نٿي ڪري رڳو پيپلز پارٽي خلاف ڪاروائي پئي ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته مون وٽ 4 سالن ۾ 7 وزارتون رهيون آهن ڪڏهن ڪنهن يونس قدوائي رابطو ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو