سول ملٽري انٽيليجنس تعاون لاءِ “اين آءِ سي سي” قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي فوجي ۽ سول انٽيليجنس ادارن تي مشتمل قومي انٽيليجنس رابطه ڪميٽي (اين آءِ سي سي) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. هن اداري جي قيم جو نوٽيفليشن هلندڙ سال 22 جنوري تي جاري ٿيو هو. هن اداري جو سربراهه ڊي جي آءِ ايس آءِ هوندو ۽ سيڪريٽري ڊي جي آءِ بي هوندو. ملڪي سطح تي درپيش اندروني ۽ بيروني خطرن بابت ملڪ ۾ سول ۽ ملٽري انٽيليجنس ۾ قريبي رابطو رکڻ ۽ ڪنهن به صورتحال گڏجي فوري ڪاروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

Prime Minister Imran Khan visits Inter Services Intelligence Secretariat at Islamabad on 23rd June, 2021.

وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوراٽر جو دورو ڪيو ۽ ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وزير داخلا شيخ رشيد، وزير اطلاعات فواد چوڌري ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته ان مقصد لاءِ اڳ ۾ نيڪٽا نالي هڪ ادارو اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو هو، ان جو اسٽاف ۽ سيڪريٽريٽ به آهي پر وري هي ساڳئي مقصد لاءِ نئون ادارو قائم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو