سول جج جو اسپتال ۽ شهر جو دورو، ميونسپل کي نوٽيس جاري

مورو(ن سنڌيار)سيڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو وسيم احمد لاکير پنهنجي عملي ۽ پوليس سان گڏجي مورو شھر جي مختلف اسڪولن روڊن رستن جي صفائي سٿرائي  سميت تعلقه اسپتال مورو جو دورو ڪيو جتي معزز جج مورو شھر جي درس روڊ سميت مختلف روڊن رستن تي بيٺل گٽرن جي گندي پاڻي بيهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مورو ميونسپل جي چيف آفيسر نور سمون کي شوڪاز نوٽيس موڪليو آھي جڏهن ته معزز جج وسيم احمد لاکير پڻ تعلقه اسپتال جو دورو ڪري مختلف شعبن جي وزٽ ڪندي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ريحانا ميمڻ کان اسپتال جي مسئلن بابت معلومات ورتي جتي آيل معزز جج وسيم احمد لاکير کي ڊاڪٽرن دوائن جي کوٽ  پوليس ۽ ڀنگين جي کوٽ سميت کيس ڪيترن ئي مسئلن کان کيس آگاه ڪيو جنهن تي آيل معزز جج ايم ايس کي يقين ڏياريو ت اسپتال جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء صحت کاتي جي بالا آفيسرن کان حل ڪرائي غريب عوام کي رليف مهيا ڪيو ويندو انهي موقعي تي مورو ڪورٽ جو سينئر ڪلارڪ عباس علي کوکر ۽ مورو پريس ڪلب جو سينئر نائب صدر جماڻي بخشل احمد ۽ نوجوان صحافي رضوان علي جماڻي صحافي انور علي سولنگي ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو