سول اسپتال سکر،هڪ مهيني ۾ 90 ٻار فوت ٿي ويا،ڊاڪٽر ٻوڪ

سکر(جیرام داس )  سول اسپتال ۾ هڪ مهيني دوران 90 ٻارڙا فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هڪ هڪ بيڊ تي چار چار ٻارڙا ستل، ايئرڪنڊيشن نه هجڻ ۽ انڪيوبيٽر به گهٽ هجڻ سبب مريض توڙي انهن جا وارث پريشان، وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ میڊیا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته مهيني دوران 90 تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿيا آهن، اختيارين کي آگاهه ڪرڻ سان گڏ الڳ وارڊ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي، الڳ وارڊ ٺهڻ کانپوءِ ڪافي مسئلو حل ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته اڳ اسپتال ايندڙ ٻارن جو انگ مناسب هو، پر هاڻ آبادي وڌڻ ڪري اسپتال ايندڙ ڳورهاري عورتن جو انگ وڌي ويو آهي، مهيني دوران 470 عورتن ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي. ان ڪري ٻارڙن جو تعداد وڌي وڃڻ سبب هڪ هڪ بيڊ تي مجبورن چار چار ٻارڙن جو علاج ڪيو وڃي ٿو. ڊيوٽي ڊاڪٽر عائشه جوچوڻ آهي ته هڪ هڪ بيڊ تي چار چار ٻار هجڻ ڪري بيماريون ڦهلجڻ جو پڻ انديشو رهي ٿو. گرمي سبب پڻ بيمار ٻارن جي حالت خراب ٿيو وڃي. هوڏانهن پٽ جي علاج لاءِ آيل مريضن جي وارثن جو چوڻ هو ته وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشن بند هجڻ سبب گهڻي گرمي آهي. پکا به صحيح نه ٿا هلن، ان ڪري ٻارڙا ٺيڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ بيمار ٿي رهيا آهن. سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي ٻڌايو ته بيڊ گهٽ هجڻ جو پوري اسپتال ۾ مسئلو آهي، باقي نيونينٽل وارڊ جا انڪيوبيٽر صحيح آهن، جتي ٻارڙن جو علاج ڪيو پيو وڃي۔ جلد بيڊ گهٽ هئڻ وارو مسئلو به حل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو