سول اسپتال مان دوائون چوري، 3 ملازم گرفتار، جاچ جاري

سکر (جيرام داس ) سکر سول اسپتال ۾ غريبن لاءِ آيل دوائون چوري ٿيڻ جو انڪشاف، 3 ملازم گرفتار، جاچ شروع ٿي وئي. مليل ڄاڻ موجب ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ 20 لک رپين جي ماليت جون دوائون سکر پهچڻ بعد اسپتال جي اسٽور تان چوري ٿي ويون، غريبن لاءِ پهتل دوائن جي چوري ٿيڻ جي شڪايت بعد ايم ايس غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي موجب دوائن چوري جي الزام هيٺ فاروق ۽ عبدالرئوف سوڌو ٽن ملازمن کي گرفتار ڪرايو ويو آهي، ايم ايس موجب ملازمن خلاف محڪماڻي ڪاروائي سان گڏ ايف آءِ آر به داخل ٿيندي، 20 لک رپين جي ماليت جون دوائون چوري ٿيڻ جي نشاندهي ٿي آهي، وڌيڪ ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ چوري ۾ ملوث ملازمن خلاف اعليٰ اختيارين کي به آگاهه ڪيو ويو آهي سي سيڪشن پوليس اسٽور جي ملازمن کي شخصي ضمانت تي جاچ ۾ تعاون جي شرط تي آزاد ڪري ڇڏيو  آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو